لاهور -04 آگسٽ (اي پي پي) اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين علامه ڊاڪٽر راغب حسين نعيمي چيو آهي، ته پوري پاڪستاني قوم ڪشميري عوام سان گڏ آهي، ڀارت جو ڪش??ير تي غاصباڻو قبضو گهڻي دير تائين نه رهندو. انهن خيالن جو اظهار هن يوم استحصال تي جاري پنهنجي هڪ پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته ڀارت کي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني قدمن کي واپس وٺڻو پوندو، پاڪستان حڪومت ۽ عوام ڪشميري ڀائرن جي خوداراديت واري حق جي جدوجهد ۾ انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بي??ل آهن، مودي جي ظلمن ۽ ڏاڍ کي سمورن عالمي فورمن تي بي نقاب ڪندا رهنداسين. والاريل ڪش??ير ۾ ڪرفيو ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد کي ختم نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته ڪش??ير مسئلو گذريل 76 سالن کان حل طلب آهي ۽ ڀارتي فوج والاريل ڪش??ير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪريون ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر راغب حسين نعيمي چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرا??ن مطابق ۽ ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.