اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ مصروف ڏينهن گذاريو، ان دوران حڪومتي اتحاد ۾ شامل پارٽين جي مي??برن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ايندڙ مالي سال 25 – 2024ع جي بجيٽ تي عام بحث دوران ايوان ۾ موجود رهيو، ان دوران وزيراعظم سان اتحادي پارٽين جي مي??برن پڻ ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم ۽ دفاع واري وفاقي و??ير خواجه آصف جي وچ ۾ ڊگهي مشاورت ٿي، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار به ڪجهه دير مشاورت ۾ شريڪ رهيو. ايوان ۾ مسلم ليگ (ن) جون عورتون وزيراعظم سان گڏ تصويرون ڪڍرائينديون رهيون. مسلم ليگ (ن) جي مي??برن خرم شهزاد نواز، بلال اظهر ڪياني، شيخ آفتاب احمد، عورت مي??برن طاهره اورنگزيب، شائسته پرويز ملڪ، نزهت صادق، پيپلزپارٽي جي مي??بر شگفته جماڻي، اعجا?? جکراڻي، ايم ڪيو ايم جي مي??برن پڻ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. بلوچستان چونڊيل مي??برن پڻ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ايوان مان ويندي استحڪام پاڪستان پارٽي جي مي??بر عليم خان سان هٿ پڻ ملايو.