بيجنگ – 05 – جون (اي پي پي) پا??ستان ۽ چين، چين پا??ستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جي لاءِ پرعزم آهن ته جيئن علائقائي رابطن کي فروغ ڏئي گڏيل خوشحالي جو مقصد حاصل ڪري سگهجي، سي پيڪ سان خطي ۽ دنيا ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي. وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? چيو آهي ته چين جي صدر شي جن پنگ جو 2015ع ۾ پا??ستان جو سرڪاري دورو ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکندو هو جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ مليو. ان دوري سي پيڪ جي تعمير کي نئين بلندين تي پهچائي ڇڏيو آهي، پا??ستان ۾ اهم شعبن ۾ وڌيڪ چيني سيڙپڪاري کي راغب ڪيو آهي، روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ٿيا آهن، معاشي ترقي کي فروغ مليو آهي ۽ پا??ستان ۾ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ۽ ترقي حاصل ٿي آهي. جديد دور ۾ گڏيل خوشحالي جي ويزن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ان کان بهتر عمل نٿو ٿي سگهي. چيني قيادت سان اهم ملاقاتن کان اڳ گلوبل ٽائيمز ۾ شايع ٿيندڙ هڪ مضمون ۾ وزيراعظم چيو ته اسان مشڪل وقت ۾ پا??ستان جي ڀرپور حمايت ڪرڻ تي سي شي جن پنگ ۽ چيني حڪومت جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته سي پيڪ جو اپ گريڊ ٿيل ورزن وڌيڪ روشن مستقبل جي نويد آهي، سي پيڪ اڳ ۾ ئي تيز رفتاري سان اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ سي پيڪ جي فريم ورڪ تحت صنعتڪاري، زراعت، آءِ ٽي ۽ کاڻين جي کوٽائي تي ترجيحي شعبن جي طور تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. گڏيل تعاون جي جذبي سان سرشار سي پيڪ جي اپ گريڊ ٿيل ورزن ۾ 60 کان وڌيڪ اعليٰ معيار جي تعاون جي منصوبن جو تصور پيش ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پا??ستان چين سان پنهنجي پراڻي ۽ پائيدار حصيداري کي وڌيڪ بلندين تائين پهچائي ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پنهنجي دوري کي پا??ستان ۽ چين جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو سمجهان ٿو. ذاتي طور تي اهو منهنجي لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر امن، سلامتي ۽ ترقي جي معاملن تي چيني دانش مان فائدو کڻڻ جو موقعو هوندو. شهباز ??ري?? چيو ته هن ڀيري وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ کان هن هڪ جامع گورننس ۽ معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي ڌيان ڏنو آهي ته جيئن غيريقيني عالمي معاشي منظرنامي ۾ اسان جي معيشت کي مضبوط بڻائي سگهجي. هن چيو ته اسان جو بنيادي ڌيان قاعدن ۽ ضابطن کي بهتر ڪرڻ، پاليسين جي تسلسل کي برقرار رکڻ ۽ مضبوط، برابر ۽ لچڪدار معاشي ترقي جي لاءِ سازگار ماحول کي فروغ ڏيڻ آهي. هن چيو ته سندس حڪومت ڪاروبار دوست ماحول کي فروغ ڏئي رهي آهي ته جيئن پيداوار ۾ اضافي جي ذريعي روانگي واپار کي فروغ ڏئي سگهجي، خدمتن جي شعبي ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ حڪومت ووڪيشنل ٽريننگ پروگرامن جي انگ ۾ اضافي جهڙن قدمن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، هنرمندي جي ترقي جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. هن چيو ته منهنجو مقصد ترقي ۽ خوشحالي جي چين جي ڪامياب ماڊل مان فائدو کڻڻ آهي. وزيراعظم چيو ته هن هن سال مارچ ۾ چيني سيڙپڪاري منصوبن (سي سي او سي آءِ پي) تي ڪابينا ڪميٽي جوڙي، جيڪا خاص طور تي پا??ستان ۾ چيني سيڙپڪاري جي منصوبن جي نگراني ۽ سهولت فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته پنهنجي سمورين ڪوششن ۾ اسان چيني اهلڪارن، منصوبن ۽ ادارن جي حمايت ۽ تحفظ جي لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهيون ڇو ته اهي پا??ستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ بي پناهه ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پا??ستان ۾ سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري (ايف ڊي آءِ) کي فروغ ڏيڻ ۽ وڌائڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) قائم ڪرڻ جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته اها ڪائونسل ڪاروبار ۾ آساني، رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ هم آهنگي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ نتيجا ڏئي رهي آهي، اها ڪائونسل پرڏيهي سيڙپڪاري جي ذريعي پا??ستان ۾ زراعت، کاڻين جي کوٽائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ توانائي جهڙن اهم شعبن کي ترجيح ڏئي رهي آهي. هن چيو ته آئون ذاتي طور تي گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ جي لاءِ عزم جي تڪميل کي اعليٰ سطح تي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ان جي قيادت ڪري رهيو آهيان. شهباز ??ري?? چيو ته اهو ڏسي خوشي ٿئي ٿي ته اسان جي سڌاراجاتي قدمن ۽ ٻاهرئين سڌي سنئين سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي ترجيحي شعبن کي سي پيڪ جي اپ گريڊيڊ ورزن يعني ترقي، روزگار، جدت، گرين ۽ کليل لنگهن جي لاءِ تصور ڪيل 5 لنگهن سان ڳنڍيو ويو آهي، مثال طور اسان جي قومي ترجيحن جي طور تي خصوصي اقتصادي زونز جي ترقي ۽ صنعتڪاري سي پيڪ جي ”گروٿ ڪوريڊور“ سان هڪ جهڙائي رکي ٿي، اهڙي طرح آءِ ٽي هڪ ٻئي قومي ترجيحي شعبي جي طور تي جدت ڪوريڊور سان هڪ جهڙائي رکي ٿي، گرين ڪوريڊور ۾ صاف توانائي ۽ زراعت شامل آهن. هن چيو ته کاڻين ۽ معدنيات کي روزگار جو ذريعو جي لنگهه ۾ شامل ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ جي اپ گريڊيڊ ورزن کي ايف ڊي آءِ ۽ صنعتڪاري کي راغب ڪرڻ جي ذريعي روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ معاشي ترقي جي لاءِ هڪ محرڪ جي طور تي تصور ڪيو ويو آهي جنهن ۾ پا??ستان جي اعليٰ معيار جي ليبر تي ٻڌل شين ۽ خدمتن خاص طور تي چيني مارڪيٽ کي برآمد ڪرڻ جي صلاحيت کي وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. هن چيو ته سي پيڪ جي ”اوپن ڪوريڊور“ عالمي حصيدارن تائين اسان جي پهچ سان هڪ جهڙائي رکي ٿي ته جيئن ته اهي پا??ستان ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ۽ فائدو کڻي سگهن. اهڙي طرح جي وڌيڪ مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪندي هن چيو ته هڪ طرف حڪومت چين ۽ پا??ستان جي وچ ۾ ”نئين معيار جي پيداواري قوتن“ جي ميدان ۾ وڌيڪ اعليٰ تعليمي تعاون حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ٻئي طرف ٻنهي ملڪن ۽ عوام جي وچ ۾ دوستي ۽ اعتماد کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. شهباز ??ري?? چيو ته عالمي امن ۽ علائقائي استحڪام جي فروغ، پائيدار ترقي کي اڳتي وڌائڻ ۽ وڌيڪ برابر، خوشحال ۽ پرامن دنيا جي لاءِ حقيقي گهڻ رخي عزم جي حوالي سان پا??ستان چين جي تصور جو حامي آهي. هن چيو ته صدر شي جن پنگ ”ٽي وڏا عالمي قدم“ يعني گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو، گلوبل سيڪيورٽي انيشي ايٽو ۽ گلوبل سولائزيشن انيشي ايٽو جي تجويز پيش ڪئي، جنهن چين ۽ پا??ستان سان گڏوگڏ سڄي دنيا جي ملڪن جي لاءِ گڏيل مستقبل جي عالمي برادري جي تعمير جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي راهه هموار ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته پا??ستان ۽ چين جي وچ ۾ 73 سالن تي ٻڌل مضبوط دوستي آهي جنهن ۾ بي مثال اسٽريٽجڪ اعتماد، ڀائچاري ۽ مضبوط يڪجهتي جا گڏيل جذبا ڏٺا وڃن ٿا، ”اسان جي هر موسم ۾ آزمايل اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري“ هڪ مضبوط وڻ بڻجي چڪو آهي جنهن جون پا??ون اسان جي ٻنهي عوام جي دلين ۾ گهريون آهن. هن چيو ته اسان مضبوط دوستي جي حقيقي جذبي سان هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهيون ۽ سٺي ۽ مشڪل وقت کي هڪ ٻئي سان ونڊيندا رهيا آهيون. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خصوصي لاڳاپن جون پا??ون ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل تفهيم تي ٻڌل آهن ۽ گڏيل نظرين، قدرن ۽ امنگن تي ٻڌل آهن. ان چين ۽ پا??ستان کي سٺا پا??يسري، سٺا دوست ۽ سٺا ڀاءُ بڻائي ڇڏيو آهي جيڪي هڪ ٻئي کي سمجهن ٿا، اعتماد ڪن ٿا ۽ هڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿا. هن چيو ته اسان جي غيرمعمولي لاڳاپن جون پا??ون تاريخ ۾ پڻ تمام گهريون آهن جنهن ۾ سماجي، ثقافتي ۽ اقتصادي رابطن جي هڪ شاندار وراثت آهي جيڪا 2000 سالن کان وڌيڪ پراڻي آهي. ٻنهي طرفن کان اسان جي ابن ڏاڏن قديم شاهراهه ريشم کي عبور ڪيو ته جيئن ثقافتي مٽاسٽا ۽ واپاري تعاون جو رستو هموار ڪري سگهجي جيڪو اسان جي قومن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي ٿو. هن نشاندهي ڪئي ته پا??ستان جا اتريان علائقا قديم شاهراهه ريشم جي لاءِ هڪ اهم رڳ جي طور تي ڪم ڪن ٿا جيڪي چين کي وچ اوڀر، آفريقا ۽ يورپ سان ڳنڍين ٿا ۽ ان جي نتيجي ۾ واپار، علم ۽ ثقافت جي وهڪري ۽ مٽاسٽا کي ممڪن بڻايو ويو جنهن سڄي خطي جي قومن جي ترقي جي عمل تي گهرو اثر وڌو. هن چيو ته ان جو جديد مظهر چين پا??ستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) آهي جيڪو بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايتو (بي آر آءِ) جي دورانديش گڏيل تعمير جو هڪ فليگ شپ منصوبو آهي، جنهن قديم شاهراهه ريشم کي بحال ڪيو آهي، جيڪو هاڻي چين ۽ پا??ستان کي هوائي، ريل ۽ سامونڊي رستن جي ذريعي ۽ ايستائين جو وچ ايشيا، يورپ ۽ آفريقا تائين پکيڙيو آهي. وزيراعظم چيو ته کيس پختو يقين آهي ته ٻنهي ملڪن جي گڏيل ڪوششن سان پا?? چين تعاون سان وڌيڪ فائدا حاصل ٿيندا، اسان جي شهرين جي زندگين ۾ بهتري ايندي جيڪي اسان جو سڀ کان اهم اثاثو آهي جڏهن ته نئين دور ۾ گڏيل مستقبل جي هڪ مضبوط چين پا??ستان ڪميونٽي جي تعمير ٿيندي.