اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خميس ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي گادي واري شهر مظف??آب??د پهتو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق جي وچ ۾ ملاقات ٿيندي. وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ڪا??ين?? کي خطاب ڪندو، ساڻس ڪشمير جي حريت اڳواڻن جي ملاقات پڻ ٿيندي. وزيراعظم نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جو دورو پڻ ڪندو جتي کيس ان بابت بريفنگ ڏني ويندي.