اسلام آ??اد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اسلامي جمهوريه ايران جو صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي سومر ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه جو ??ور پڻ ٿيندو. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي ايراني صدر جي اعزاز ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو، ايراني صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم هائوس جي سبزه زار ۾ ڌرتيءَ جي ڏينهن جي مناسبت سان ٻوٽو لڳائيندا. ٻئ?? اڳواڻ ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مف??همتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شريڪ ٿيندا. ٻئي اسلام اسلام آ??اد جي هڪ شاهراهه کي ايران ا??ين??و جو نالو ڏيڻ جي تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيندا. ٻئ?? اڳواڻ هڪ گڏيل پريس ٽاڪ پڻ ڪندا. وزيراعظم ايراني صدر ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏيندو.