اسلام آباد – 18 – اپريل (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يورپي ??ونين سان گڏجي ڪم ڪرڻ ??ي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ت?? يورپي ??ونين پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ اهم سڌارن جي لاءِ مشاورت ۽ مهارت فراهم ڪرڻ ??ي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ يورپي ??ونين جي سفير ايمبيسڊر رينا ڪيونڪا ملاقات ڪئي. وزيراعظم پنهنجي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ج?? پيغامن تي يورپي ??ونين جي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم يورپي ??ونين جي سفير سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هو يورپي ??ونين سان گڏجي ڪم ڪرڻ ??ا خواهشمند آهن. هن چيو ته پاڪستان جا يورپي ??ونين سان دوستاڻا ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. هن ٻنهي طرفن جي وچ ۾ موجوده اداراجاتي حڪمت عملي ت?? اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم جي ايس پي ??لس اسڪيم جي حوالي سان پاڪستان جي لاءِ يورپي ??ونين جي مسلسل حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ اهم سڌارن جي لاءِ مشاورت ۽ مهارت فراهم ڪرڻ ??ي لاءِ يورپي ??ونين اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. يورپي ??ونين جي سفير وزيراعظم کي ٻنهي طرفن جي وچ ۾ تع??ون جي مختلف قدمن بابت آگاهه ڪيو جن ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ چرپر جي معاملن ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ يورپي ڪاروبارن کي سهولت فراهم ڪرڻ ??امل آهي. ملاقات ۾ پاڪستان مان يورپي ??ونين جي ملڪن جي لاءِ اڏامن جي بحالي ت?? اڳڀرائي ت?? پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.