اسلام آباد– 02 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف چيو ??هي ته گلگت بلتستان جي ماڻهن جي ترقي، انهن کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظ?? محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي وڏي وزير گلبر خان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئ??. ا??لاس ۾ گلگت بلتستان ۾ تعليم، صحت ۽ سياحت جي شعبي جي ترقي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، اجلاس کي گلگت بلتستان ۾ وفاقي حڪومت پاران عطا آباد ۽ هارپو ۾ پن بجلي جي ٻن منصوبن تي جاري ڪم جي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ??ه انهن منصوبن جي تڪميل سان گلگت بلتستان ۾ بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ??ه نلتر ايڪسپريس وي جي تعمير جو ڪم مڪمل ٿي ويو ??هي جيڪو علائقي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم گلگت بلتستان ۾ سياحت جي ترقي ۽ شمسي توانائي جي منصوبن جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم گلگت بلتستان کي درپيش مسئلن جي حل جي حوالي سان ڪميٽي جوڙيندي هدايت ڪئي ته ڪميٽي گلگت بلتستان کي درپيش سمورن مسئلن تي مشاورت کانپوءِ پنهنجون سفارشون پيش ڪري، گلگت بلتستان جي ماڻهن جي ترقي، انهن کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ??ه گلگت بلتستان ۾ غريب ۽ لاچار خاندانن سان تعلق رکندڙ ٻارن ۽ ٻارڙين جي لاءِ دانش ??سڪول قائم ڪري رهيا آهيون. دانش ??سڪول ٻارن کي عالمي معيار جي اعليٰ تعليم سان گڏوگڏ رهائش جي سهولت پڻ فراهم ڪندا. وزيراعظم هداي ڪئي ته گلگت بلتستان ۾ سياحت جي وسيع صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ سفارشون جوڙي پيش ڪيون وڃن ۽ گلگت بلتستان جي ٽنهي ڊويزنن ۾ دانش ??سڪول تعمير ڪيا وڃن. وزيراعظم گلگت بلتستان ۾ عطا آباد ۽ هارپو پن بجلي منصوبي جي تڪميل تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ??ه گلگت بلتستان ۾ شمسي توانائي جي منصوبن جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي پيش ڪئي وڃي.