اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ خصو??ي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي خصوصي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس ۾ اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، چيف آف آرمي اسٽاف، موجوده ۽ اڳوڻن نگران وزيرن، وڏن وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اڳوڻي نگران ڪابينا جي ميمبرن جي موجودگي ۾ نئين وفاقي ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي. ڪميٽي کي خصو??ي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي سيڙپڪاري، نجڪاري ۽ ملڪ جي مجموعي مائيڪرو اڪنامڪ استح??ام جي حوالي سان قدمن ۽ نمايان ڪردار جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. ڪميٽي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ جون 2023ع جي خصو??ي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو جيڪا هاڻي پاليسي سازي جي جوڙجڪ جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ وزيراعظم محمد شهباز شريف، ڪابينا ۽ وڏن وزيرن کي نيون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي پاڪستان کي درپيش اقتصادي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ پاڪستان کي دنيا جي بهترين معي??تن ۾ تبديل ڪرڻ ۾ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. چيف آف آرمي اسٽاف حڪومت جي اقتصادي قدمن ۾ هٿياربند فوج پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن ملڪ کي ان جي حقيقي پوٽينشنل موجب آڻڻ جي لاءِ محفوظ ۽ سازگار ماحول جي فراهمي جي خاطري پڻ ڪرائي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته خصو??ي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل مشڪل وقت ۾ اڳتي وڌڻ جو هڪ رستو آهي ۽ ملڪ جي خدمت جي لاءِ ماضي جي ڀيٽ ۾ هڪ پختي عزم جي ضرورت آهي. هن وفاقي ڪابينا تي زور ڏنو ته اها گڏجي سياسي اختلافن کي مٿانهون رکي اقتصادي استح??ام جي لاءِ هڪ ٽيم بڻجي ڪم ڪن. هن وسيع تر قومي اقتصادي ايجنڊا جي تسلسل تي نگران حڪومت جا پڻ ٿورا مڃيا.