اسلام آباد – 01 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته سني اتحاد ڪونسل جي مخصوص سيٽن جي حوا??ي سان معاملو اليڪشن ڪميشن وٽ آهي ان ڪري هو اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جو انتظار ڪن هتي هر ميمبر جو فارم 45 ۽ فارم 47 چ??ڪ نٿو ڪري سگهجي، اسان وٽ اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن کان علاوه ٻيو ڪو ذريعو ناهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيڻ تي سني اتحاد ڪونسل ايوان ۾ هنگامه آرائي ڪئي. عمر ايوب خان جي اعتراض واري نقطي تي اسپيڪر رولنگ ڏيندي چيو ته انهن سمورن ميمبرن جن جو قومي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سان اليڪشن ڪميشن نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي اهي ان ايوان جا معزز ميمبر آهن. عمر ايوب خان چيو ته اهو ايوان مڪمل ناهي. اسان گذريل ڏينهن پڻ ڳالهه ڪئي هئي ته اسپيڪر ان حوا??ي سان رولنگ ڏي. چونڊ عم?? اسانجي عورت ميمبرن جي عدم موجودگي ۾ قانون خلاف آهي. اسان انصاف ۽ قانون جي بالادستي چاهيون ٿا. بيرسٽر گوهر علي خان اعتراض واري نقطي تي چيو ته آئين جو آرٽيڪل 51 تقضا ڪري ٿو ته ايوان مڪمل هجڻ گهرجي، اسپيڪر ان حوا??ي سان رولنگ ڏي. جمهوريت ۾ هر ووٽ جي اهميت هوندي آهي. اسپيڪر چيو ته اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن کان علاوه اسيمب??ي سيڪريٽريٽ وٽ ڪو ٻيو ذريعو ناهي. اليڪشن ڪميشن خودمختيار ادارو آهي. اسان ميمبرن جا فارم 45 چ??ڪ نٿا ڪري سگهون. بيرسٽر گوهر علي خان چيو ته اسان اسپيڪر سان فارم 47 ۽ فارم 45 جي ڳالهه ناهي ڪئي. اسان رڳو پ??هنجي مخوصوص سيٽن جي حوا??ي سان اسپيڪر جي رولنگ چاهيون ٿا. راڻا تنوير حسين چيو ته 2018 جو اليڪشن بدترين ڌانڌلي وارو اليڪشن هو. ان وقت مسلم ليگ (ن) جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو سني اتحاد ڪونسل ته پنهنجي پارٽي جي فورم تان اليڪشن ناهي وڙهي. انهن کي گهرجي ته اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪن. اسپيڪر رولنگ ڏني ته مخصوص سيٽن جي حوا??ي سان سني اتحاد ڪونسل اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪيو آهي، هو اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جو انتظار ڪن، ان سلسلي ۾ اصل فورم اليڪشن ڪميشن ئي آهي.