لاهور-08 فيبروري (اي پي پي) مسلم ??يگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف چيو آهي ته ??لڪ جا مسئلا حل ڪرڻ آهن ته هڪ پارٽي کي اڪثريت ملڻ ضروري آهي. خميس ڏينهن لاهور ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ ??ان??وءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عوام گهرن مان نڪري ۽ ووٽ ڪاسٽ ڪري. انشاءُ الله مهانگائي جو خاتمو ٿيندو ۽ ماڻهو خوشحال زندگي گذاري سگهندا. اها ئي ماڻهن جي خ??اه?? آهي ۽ ان خواب کي پورو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جي منشور ۾ سڀ شيون تفصيل سان لکيل آهن ته عوام جا حق سندن در تائين پهچايا ويندا. مريم نواز کي پن??اب جي وزيراعليٰ بڻائڻ جي سوال تي ليگي قائد چيو ته پارٽي لاءِ مريم نواز ۽ شهباز شريف جون وڏيون قربانيون آهن، مريم جو نتيجي ??ان??وءِ فيصلو ٿيندو، اهو پارٽي فيصلو ڪندي، بنا شڪ جي شهباز شريف ۽ مريم جون پارٽي لاءِ بي پناهه قربانيون ۽ جدوجهد آهي.