اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي سان گلگت ??لت??تان جي گورنر سيد مهدي شاهه ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ايوان صدر ۾ صدر ۽ گلگت ??لت??تان جي گورنر جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ گلگت ??لت??تان جي مجموعي صورتحال، ڪڻڪ سبسڊي، ??لت??تان يونيورسٽي ۽ اسڪردو جا مسئلا غور هيٺ آيا. صدر ??اڪٽر عارف علوي کيس باور ڪرايو ته ڪڻڪ سبسڊي معاملي تي هن نگران وزيراعظم ۽ ناڻي واري نگران وفاقي وزير سان ڳالهه ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته گلگت ??لت??تان جي ٻين مسئلن سميت ڪڻڪ سبسڊي جو معاملو پڻ حل ڪيو ويندو. صدر ??يو ته نگران وزيراعظم گلگت ??لت??تان ڪائونس?? جي چونڊيل ميمبرن سان ڪڻڪ سبسڊي معاملي تي ملاقات جي لاءِ اتفاق ڪيو آهي. واضح رهي ته گلگت ??لت??تان ڪائونس?? جي وفد گذريل ڏينهن علائقي جي مسئلن ۽ سبسڊي جي معاملي تي صدر سان ملاقات ڪئي هئي. صدر وفد کي گلگت ??لت??تان جي مسئلن تي لاڳاپيل فورمز سان ڳالهه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي.