راولپنڊي-18 جنوري (اي پي پي) پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) ايران جي حدن ۾ دهشتگردن جي ٺڪا??ن کي نشان?? بڻائڻ واري آپريشن مرگ بر، سرمچار جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، پاڪستان ۾ هاڻوڪن دهشتگرد حملن ۾ ملوث دهشتگردن کي نشان?? بڻائڻ لاءِ ڊرونز، راڪيٽن، بارودي سرنگهن ۽ اسٽينڊ آف ه??يا??ن کي استعمال ڪيو ويو. ضمني نقصانن کان بچڻ لاءِ وڌ کان وڌ احتياط ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب 18 جنوري 2024ع جي صبح پاڪستان ايران جي اندر ٺڪاڻن تي موثر حملا ڪيا، جيڪي پاڪستان تي حملو ڪندڙ دهشتگردن جي استعمال ۾ هئا. بيان ۾ چيو ويو ته بلوچستان لبريشن آرمي ۽ بلوچستان لبريشن فرنٽ نالي دهشتگرد تنظيمن جي استعمال هيٺ ٺڪا??ن کي انٽيلي جنس تي ٻڌل آپريشن ۾ ڪاميابي سان نشان?? بڻايو ويو، ان آپريشن جو ڪوڊ نالو مرگ بر، سرمچار آهي. نشان?? بڻايل ٺڪاڻا بدنام زمانه دهشتگرد استعمال ڪري رهيا هئا جن ۾ دوست عرف چيئرمين، بجر عرف سوغت، ساحل عرف شفيق، اصغر عرف بشام ۽ وزير عرف وزي شامل آهن. آءِ ايس پي آر واضح ڪيو ته پاڪستان جي ه??يا??بند فوج دهشتگردي جي ڪاررواين خلاف پاڪستاني شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر وقت تياري جي حالت ۾ آهي. پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو احترام ۽ ڪنهن به مهم جوئي خلاف تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اسان جو عزم اڻٽر آهي. عوام جي مدد سان پاڪستان جي سمورن دشمنن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ ٻن پاڙيسري ملڪن سان ڳالهين ۽ تعاون کي هٿي ڏي?? چاهيون ٿا، اسان جي پاڙيسري ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ۽ تعاون کي دانشمنداڻو سمجهيو ويندو آهي.