اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انو??را??حق ڪاڪڙ گ??يل قومن ۾ ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عالمي سطح تي ملڪ جي معاشي ڀلائي جي لاءِ موقعن جي نشاندهي ڪرڻ پاڪستان جي سمورن سفارتي نمائندن جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??را?? جاري بيان مو??ب اهڙن خيالن جو اظهار هن گ??يل قومن ۾ پاڪستان جي مستقبل نمائندي منير اڪرم سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم انو??را??حق ڪاڪڙ منير اڪرم کي گ??يل قومن جي پليٽ فارم تي فلسطين مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي موثر نمائندگي تي س??را??يو. نگران وزيراعظم انو??را??حق ڪاڪڙ منير اڪرم کي گ??يل قومن ۾ ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي لاڳيتو اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي ملڪ جي معاشي ڀلائي جي لاءِ موقعن جي نشاندهي ڪرڻ پاڪستان جي سمورن سفارتي نمائندن جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. منير اڪرم نگران وزيراعظم کي پنهنجي مشن جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪيو ۽ نگران وزيراعظم کان پرڏيهي پاليسي جي ڏس ۾ هدايتون ورتيون.