اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڏسڻ کان مح??وم ماڻهن جي لاءِ بريل ۾ ڪتاب ۽ علم جي دستيابي خوش آئنده قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪتاب پڙهڻ جي ڪلچر کي فروغ ڏئي فڪري ۽ انفرادي ترقي ممڪن آهي. هو نيشنل بُڪ ف??ئونڊيشن جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي بريفنگ جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ تعليم واري وزارت جا اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا. نيشنل بُڪ ف??ئونڊيشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر راجا مظهر حميد فائونڊيشن جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نيشنل بُڪ ف??ئونڊيشن ڊسليڪسيا (پڙهڻ ۾ ڏکيائي) کان متاثر ماڻهن جي لاءِ خصوصي قدم کڻي رهي آهي، فائونڊيشن ڊسليڪسيا کان متاثر ماڻهن جي لاءِ ڪتاب تيار ڪري رهي آهي، ڊسليڪسيا جي شڪار ٻارن جي لاءِ پريپ کان اٺين درجي تائين ڪتاب تيار ڪيا پيا وڃن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته تعليمي سال 25 – 2024ع ۾ ڊسليڪسيا جي شڪار ٻارن کي ڪتا?? فراهم ڪيا ويندا، فائونڊيشن جي ڪراچي ۾ بريل پريس ڏسڻ کان مح??وم ماڻهن کي رڳو 10 رپين ۾ ڪتا?? فراهم ڪري رهي آهي، ڪتابن سان ڏسڻ کان مح??وم ٻارن جي تعليم تائين پهچ وڌائڻ ۾ مدد ملندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اسلام آباد جي 431 اسڪولن ۾ پريپ کان اٺين درجي تائين ڏسڻ کان مح??وم ٻارن جي لاءِ ڪتا?? فراهم ڪيا ويندا، نيشنل بُڪ ف??ئونڊيشن بريل ۾ مختلف موضوعن تي ڪتاب ڇاپي رهي آهي، نيشنل بُڪ ف??ئونڊيشن پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ ڪتابن جي دستيابي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. صدر ملڪ ۾ خواندگي، ڪتاب پڙهڻ جي فروغ ۾ فائونڊيشن جي ڪردار کي ساراهيو.