اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جو ڳاڻيٽو دنيا جي بهترين ٿنڪ ٽينڪس ۾ ٿئي ??و، هي انسٽيٽيوٽ ??زا??تن جي لاءِ تحقيق ۾ معاونت جي ذميواري پڻ ادا ڪري رهيو آهي. سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر محسن عزيز، سينيٽر زرقه سهروردي ۽ ٻين سينيٽرز جي سوالن جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسان جي ٿنڪ ٽينڪ آهي، ڊائريڪٽر جنر?? ان جو سربراهه آهي، ان جا مختلف سينٽرز ٺاهيا ويا آهن، ان جي سينٽرز ۾ ايشيا پيسفڪ ۽ چائنا سينٽرز آهن، هي نه رڳو س??مي??ارز منعقد ڪرائي ??و جن جي ذريعي اسڪالرز ۽ عالمي ماهرن جو هڪ ٻئي سان ر??بط?? رهي ٿو، دنيا جي ٿنڪ ٽينڪس سان پڻ ان جا رابطا آهن ۽ هي اسان جي ??زا??تن جي لاءِ پڻ ريسرچ ۾ معاونت ڪري ٿو. هن چيو ته دنيا ۾ هزارين ٿنڪ ٽينڪس آهن جن ۾ پاڪستان جي انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جو نمبر 80 هون آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز کي هدايت آهي ته هو پارليامينٽ ميمبرن کي پڻ پنهنجي س??مي??ارز ۾ گهرائي باقي ٿنڪ ٽينڪس کي پڻ ان حوالي سان هدايت ڪئي ??يندي.