اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر هڪ کي ??ظهار راءِ، شڪايت ۽ تنقيد جي آزادي حاصل آهي، آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت اليڪشن ڪميشن صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ذميواري پوري ڪندي. اها ڳالهه هن صحافين سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير 90 ڏينهن ۾ چونڊن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چي?? ته آئين جي اندر 280 آرٽيڪل موجود آهي، آئين ۾ رڳ?? 90 ??ينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو آرٽيڪل نه آهي، ان ۾ آرٽيڪل 254 به موجود آهي، اُن کي ??ه پڙهيو وڃي. هن چي?? ته پاڪستان ۾ هر هڪ کي ??ظهار راءِ، شڪايت ۽ تنقيد ڪرڻ جي آزادي حاصل آهي، جيڪا آزادي پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ٻين پارٽين کي ??اصل آهي اها مسلم ليگ (ن) کي ??ه حاصل آهي، ان وٽ به شڪايت ڪرڻ جو اختيار موجود آهي. هن چي?? ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت اليڪشن ڪميشن صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ذميواري پوري ڪندي ۽ اسان ان جي مدد ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چي?? ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي گڏيل عرب امارات جي دوري جي حوالي سان گذريل رات عوام کي وڊيو پيغام ذريعي آگاهه ڪيو، نگران وزيراعظم جي دوري دوران معاهدي ۽ مفاهمت جي ياداشتون طئي ٿينديون ته ان حوالي سان ميديا کي ??گاهي ملي ويندي. هڪ ٻئي سوال تي هن چي?? ته آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سان منهنجو احترام جو رشتو آهي، انهن جي بيانن ??ي تبصرو نٿو ڪري سگهان.