اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سوئ??ڊن ٻطرفي تعاون جي رفتار تي اعتماد جو اظهار ڪندي ايندڙ سال پاڪستان ۽ سوئ??ڊن سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه ملهائڻ، ٻطرفين ڳالهين، گڏيل رابطن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان ۽ سوئ??ڊن جي ٻطرفي سياسي مشاورت جو 17 هون دور اسٽاڪ هوم ۾ ٿيو. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ)، سفير شفقت علي خان پاڪستاني وفد جڏهن ته سوئ??ڊن پاران ڊائريڪٽر جنرل ۽ گلوبل ڊپارتمينٽ جي سربراهه ڊيگ جوهلن ڊينفيلٽ ۽ وقتي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ فار ايشيا اينڊ پيسفڪ آسڪر سلائيٽ گڏيل قيادت ڪئي. سوئ??ڊن جي پرڏيهي وزارت سفير شفقت خان پرڏيهي معاملن ??ابت سيڪريٽري جان ناٽسن سان پڻ ملاقات ڪئي. ڌرين سياسي، اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري ۽ تعليم سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن شعبن جو جائزو ورتو. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽر?? يورپ?? يونين جي صدارت جو مدو ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ تي سوئي??ن کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان قابل تجديد توانائي، سسٽين ايبل ٽيڪنالاجيز، ويسٽ مئنيجمينٽ، آئي سي ٽي ۽ آر اينڊ ڊي ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن وڌيڪ سوئيڊش ڪمپنين پاران پاڪستان ۾ ڪاروبار جي لاءِ سازگار ماحول مان فائدو کڻڻ جي آجيان ڪئي ۽ سوئ??ڊن جي عملدارن مضبوط اقتصادي ۽ سياسي تعاون تي ٻڌل وسيع البنياد ٻطرفا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي سفير شفقت علي خان سوئي??ن کي افغانستان ۽ ڀارت سميت ڏکڻ ايشيا ۾ سلامتي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني جنهن ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورز??ن کي اجاگر ڪيو ويو. سوئ??ڊن پاڪستان ک?? يورپ?? يونين جي صدارت، نورڊڪ ريجن ۽ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن سميت عالمي فورمز تي تعاون جي سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ هڪ ٻئي جي حمايت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. هنن ٻطرفي لاڳاپن جي رفتار کي برقرار رکڻ جي لاءِ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. پاڪستان سوئ??ڊن ٻطرفي سياسي مشاورت جو ايندڙ دور اسلام آباد ۾ ٿيندو.