رسالپور – 21 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪ ف??ائيه جي نوجوان ??يڊ??س تي زور ڏنو آهي ته انهن کي جديد ترين ٽيڪنالاجي، تصورن ۽ جديد جنگ بابت موجوده رجحانن کان باخبر رهڻ جي لاءِ سخت محنت ڪرڻ گهرجي، هن ڪشميري?? جي آزادي ۽ خودمختياري جي حق جي لاءِ انه?? جي منصفاڻي ۽ مقامي جدوجهد جي لاءِ سمورن فورمز تي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي پاڪستا?? جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اهڙن خيالن جو اظهار اصغر خان پي اي ايف ا??يڊ??ي ۾ گريجوئيشن تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. 148 هي?? جي ڊي (پي) 94 هين انجنيئرنگ، 104 هين ايئر ڊفينس ۽ 130 هين ڪمبيٽ سپورٽ ڪورسز جي گريجوئيشن تقريب ڪالهه اڱاري ڏينهن اصغر خان پي اي ايف ا??يڊ??ي رسالپور ۾ ٿي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ تقريب جو خاص مهمان هو. ان موقعي تي پاڪ ف??ائيه جو سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو پڻ موجود هو. ا?? جي اچڻ تي پي اي ايف ا??يڊ??ي اصغر خا?? جي ايئر آفيسر ڪمانڊنگ ايئر وائيس مارشل غضنفر لطيف خاص مهمان جو استقبال ڪيو. تقريب دوران مجموعي طور تي 131 ايوي ايشن ??يڊ??س، 8 جنٽلمين ??يڊ??س ۽ 3 نيول ??يڊ??س گريجوئيشن ڪئي. خاص مهمان نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙن کي برانچ جا نشان ۽ ٽرافيون ڏنيون. جنرل سروس ٽريننگ ۾ مجموعي طور تي بهترين ڪارڪردگي تي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي ٽرافي ايوي ايشن ??يڊ?? سارجنٽ محمد علي گوهر کي ڏني وئي جڏهن ته ڪمبيٽ سپورٽ ڪورس ۾ مجموعي طور تي بهترين ڪارڪردگي جي ٽرافي ايوي ايشن ??يڊ?? سيد سعد علي حاصل ڪئي. ايئر ڊفينس ڪورس ۾ بهترين ڪارڪردگي تي چيف آف دي ايئر اسٽاف ٽرافي ايوي ايشن ??يڊ?? سارجنٽ سڪندر عباس حاصل ڪئي جڏهن ته انجنيئرنگ جي شعبي ۾ مجموعي طور تي بهترين ڪارڪردگي تي ايوي ايشن ??يڊ?? صهيب سعيد چيف اف دي ايئر اسٽاف ٽرافي حاصل ڪئي. فلائنگ ٽريننگ ۾ شاندار ڪارڪردگي تي چيف آف دي ايئر اسٽاف جي بهترين پائليٽ ٽرافي ايوي ايشن ??يڊ?? محمد موسيٰ جواد کي ڏنيو ئي جڏهن ته ايوي ايشن ??يڊ?? صهيب سعيد کي ڪاليج آف ايروناٽيڪل انجنيئرنگ ۾ مجموعي طور تي بهترين ڪارڪردگي تي اعزازي شمشير سان نوازيو ويو. ڪاليج آف فلائنگ ٽريننگ ۾ مجموعي طور تي بهترين ڪارڪردگي تي اعزازي شمشير ايوي ايشن ??يڊ?? ونگ انڊر آفيسر احمد ملڪ وصول ڪئي. فارغ ٿيندڙ ??يڊ??س کي خطاب ڪندي خاص مهمان نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ زور ڏئي چيو ته اڄ پي اي ايف ۾ بطور آفيسر توها?? جي سفر جي شروعات آهي، توهان هن ناليواري ايئر فورس ا??يڊ??ي ۾ سٺي تربيت حاصل ڪئي آهي ۽ مون کي يقين آهي ته توهان پوري عزم ۽ لگن سان مستقبل جي چئلينجز تي ضابطو آڻي وٺندا. هن چيو ته پي اي ايف جي شاندار وراثت جي محافظ هجڻ جي ناطي توهان هن قوم جون اميدون پنهنجي نوجوان ڪلهن تي کنيون آهن ۽ ان لاءِ توهان کي جديد ترين ٽيڪنالاجي، جديد تصورن ۽ جديد جنگ بابت موجوده رجحانن کان باخبر رهڻ جي لاءِ سخت محنت ڪرڻ گهرجي. هن پاڪ ف??ائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي دورانديش قيادت، پاڪ ف??ائيه خاص طور تي آرٽيفيشل انٽيلي جنس، سائبر، اسپيس ۽ نائيڪي جي شعبن کي ساراهيو. هن ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻه?? جي خلاف جاري ظلمن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن ڪشميري?? جي آزادي ۽ خودمختياري جي حق جي لاءِ انه?? جي منصفاڻي ۽ مقامي جدوجهد جي لاءِ سمورن فورمز تي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستا?? جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پي اي ايف ا??يڊ??ي جي ايروبيٽڪس ٽيم ”شير دل“ پريڊ واري جڳهه تي اسپرٽ پاس پيش ڪيو. ان کانپوءِ پي اي ايف ميراج، ايف 7 پي جي، جي ايف 17 ۽ جي 10 سي جنگي جهازن شاندار فلائنگ فارميش?? جي ذريعي پيشيواراڻي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو. تقريب ۾ اعليٰ فوجي ۽ سول عملدارن سان گڏوگڏ گريجوئيشن ڪندڙ ??يڊ??س جي والدين شرڪت ڪئي.