اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نگران وزيراعظم، وزيرن، سينيٽرز ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر ۽ وزيراعظم، چئني صو??ن جي گورنرز ۽ وڏن وزيرن کي خط لکيو آهي جنهن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي جي لاءِ تعاون ۽ آڪٽوبر ۾ گلابي ربن پائڻ جي درخواست ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب خط ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر تي آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ توهان جو تعاون خاطرخواهه اثر وجهي سگهي ٿو، پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪري هر سا?? 40 ??زار فوتگيون ٿين ٿيون، پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪري موت جي شرح سڄي ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته وڌيڪ موت جي شرح جو سبب مرض جي دير سان تشخيص هجڻ ??هي?? پنهنجو معائنو پاڻ ڪرڻ بابت آگاهي سان ڪيتريون ئي جا??يون بچائي سگهجن ٿيون، آڪٽوبر جو مهي??و هر سال ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ملهايو وڃي ٿو، هن مهيني بريسٽ ڪينسر تي آگاهي پيدا ڪري اسان هڪ صحتمند ۽ باخبر معاشري جي جوڙجڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا.