اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته موجوده حڪومت جي آخري 15 مهينن دوران دنيا سان پاڪست??ن جي رابطن ۾ بهتري آئي آهي، عالمي برادري کي موسمياتي تبديل جي بحران، سخت معاشي حالتن ۽ وڌندڙ جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ سان پيدا ٿيندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت اهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي وزارت ۾ سفارتي ڪور جي مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. آجياڻي ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، وفاقي وزيرن، اسلام آباد ۾ مقرر پرڏي??ي سفيرن، هاءِ ڪمشنرز ۽ مختلف ملڪن جي مشنز جي سربراهن سميت گڏيل قومن جي ذيلي تنظيمن جي نمائندن ۽ پرڏيهي وزارت جي آفيسرن شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته هن پنهنجي دور ۾ مختلف ملڪن سان رابطا بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪستان کي گذريل سال موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻو پيو، جديد دنيا جي چئلينجز کي سرحدن سان روڪي نه ٿو سگهجي، پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري گذريل سال ايندڙ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ??ن جو مثال آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي اڪيلي حل نه ٿو ڪري سگهجي پر ??ن جي لاءِ عالمي سطح تي ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي. هن ڪوپ – 27 ۾ پاڪست??ن جي ڪردار جو ذڪر ڪندي چيو ته ان کي ٻين شريڪ ملڪن جي حمايت کانسواءِ نتيجاخيز بڻائڻ ممڪن نه هو. پرڏيهي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان چونڊن کانپوءِ سياسي استحڪام طرف گامزن ٿيندو. بلاول ڀٽو زرداري پاڪست??ن جي پرڏيهي وزير طور خدمتون سرانجام ڏيڻ کي پنهنجي لاءِ اعزاز قرار ڏنو. هن پرڏيهي وزارت جي ڪم ۾ ڀرپور دلچسپي ۽ ڪردار تي پاڪست??ن جي سفارتڪارن ۽ آفيسرن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪست??ن جا سفارتڪار پرڏيهي وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ بهترين خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري پرڏي??ي سفارتڪارن کي ٻڌايو ته هن پرڏيهي وزارت کي ملڪي سياست ک??ن جدا ڪندي نج پيشيواراڻي انداز ۾ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي. پرڏيهي وزير عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان معاهدي تائين پهچڻ ۾ مدد ڏيڻ تي دوست ملڪن جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ملڪ چونڊن طرف وڌي رهيو آهي ۽ ڪنهن به حڪومت جي لاءِ ڊيليور ڪرڻ جو واحد رستو وفاقي ۽ صوبائي پارليامينٽن سميت ادارن کي مضبوط ڪري هدفن ۽ مقصدن تي ڌيان ڏيڻ آهي. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مهمانن جي آجياڻي ۾ شرڪت تي انهن جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي پاڪستان ۾ ڊپلوميٽڪ ڪور جي ڊين عطا جان مولاموف پڻ خطاب ڪيو. سفارتي ڪور جي ميمبرن پرڏيهي وزير پاران حڪومت جو مدو مڪمل ٿيڻ کان الوداعي تقريب منعقد ڪرڻ تي پرڏيهي وزارت جي قدم کي ساراهيو.