اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمنڊ پار پاڪستانين جي لا??ِ موبائيل فونز جي عارضي رجسٽريشن جو نظام جاري ڪري ڇڏيو جڏهن ته وزيراعظم چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لا??ِ جلد نان فنانشل پئڪيج جاري ڪنداسين، زراعت، آءِ ٽي ۽ معدنيات جا شعبا پاڪستان جو روانگي واپار وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هو سمنڊ پار پاڪستانين جي موبائيل فونز جي لا??ِ عارضي رجسٽريسن جي نظام جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. سمنڊ پار پاڪستانين جي نشاندهي تي ذاتي موبائيل فون تي ڪسٽم ڊيوٽي جو مدو 2 مهينن مان وڌائي 120 ڏينهن ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لا??ِ عارضي رجسٽريشن آن لا??ين نظام جاري ڪيو آهي ان تي آءِ ٽي واري و??اقي وزير ۽ وزارت جي اعليٰ عملدارن، ايف بي ار، پي ٽي اي کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هي هڪ اهم ڊيوائس آ??ي جيڪا سمنڊ پار لکين پاڪستانين جي لا??ِ هڪ بهترين سهولت آهي. انهن کي اها سهولت گهر ويٺل ملندي. اهي 4 مهينن تائين بنا ٽيڪس ڏيڻ جي پنهنجو فون استعمال ڪري سگهندا. ان ۾ 120 ڏينهن جي واڌ پڻ ڏني و??ندي. ان ۾ مخصوص ڪيسز بدران سڀني کي اها سهولت ملڻ گهرجي. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي کي دنيا جي اسرندڙ ملڪن ۾ هن وقت تمام گهڻي سپورٽ ملي آهي. پاڪستان جي آبادي جا ڪروڙين ٻار انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ ان ۾ تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهن. ان سيڪٽر ۾ ڪيترائي موقعا آهن، ان کي ضايع نه ٿيڻ ناهي ڏيڻو. آءِ ٽي واري وزارت محنت سان خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. بجيٽ ۾ وزيراعظم يوٿ اسڪيم تحت نوجوانن جي فني تربيت جي لا??ِ فنڊز رکيا ويا آهن. معاشي بحالي جو پروگرام مشڪل سان وجود ۾ آيو آهي. زراعت، آءِ ٽي، معدنيات ۽ روانگي واپار ان جا لا??مي عنصر آهن. آءِ ٽي واري وزارت جو ان ۾ اهم ڪردار آهي. آءِ ٽي جي تربيت جي لا??ِ تيزي سان ڪم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته موبائي فونز تي ٽيڪس نه هڻڻ جي راءِ صحيح آهي پر ان تي فيصلي جي لا??ِ وڌيڪ گڏيل مشاورت ۽ غور فڪر جي ضرورت آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ لکين ٻارن کي ميرٽ تي ٻيهر ليپ ٽاپ ڏنا پيا وڃن. اسڪول جي ٻارن ۽ استادن کي ٽيبليٽ جي فراهمي جو پروگرام پڻ شروع ٿيڻ گهرجي ها. اسڪولن ۾ حاضري جي نظام کي به ڊيجيٽلائيز ڪيو وڃي ته اهو هڪ انقلابي قدم ه??ندو. ان ۾ ڪا هيرڦير نه ٿي ڪري سگهجي. ووڪيشنل ٽريننگ جي لا??ِ آءِ ٽي پارڪ ۾ تيزي آندي وڃي. وزارت جي ٽيم سخت محنت سان ڪم ڪري ته اسان ان سيڪٽر ۾ تيزي سان ترقي ڪري سگهون ٿا. سمنڊ پار پاڪستانين کي موبائيل جي عارضي رجسٽريشن جي سهولت ٻيون ڀيرو به بنا ڪنهن فرق ڏيڻ گهرجي، جيڪڏهن ان ۾ فرق رکيو و??و ته اهو ڳاڙهي ڦيٿي جي ور چڙهي و??ندو. ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي وطن واپسي تي جيڪي به سهولتون ڏئي سگهجن ٿيون اهي ڏيڻ گهرجن. ان جي لا??ِ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ نان فنانشل پئڪيج جو اعلان ڪري رهيا آهيون. تقريب کي آءِ ٽي واري و??اقي وزير سيد امين الحق خطاب ڪندي چيو ته ان عارضي رجسٽريشن جي نظام سان ٻاهرئين ملڪ مان ايندڙ پاڪستانين کي 120 ڏينهن تائين پنهنجو فون بنا ٽيڪس ادا ڪرڻ جي استعمال ڪرڻ جي اجازت هوندي جڏهن ته اهي ان ۾ 120 ڏينهن جي واڌ به ڪرائي سگهن ٿا. هي هڪ سٺو قدم آهي. هن چيو ته ڊيجيٽل پاڪستان جي و??زن کي عملي جامعو پارائڻ جي لا??ِ موبائيل فون تي ٽيڪس نه هجڻ گهرجي. پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو موبائيل فون تيار ڪرڻ جي ڪم جي شروعات ٿي آهي. 28 مختلف ڪمپنيون هتي فون تيار ڪري رهيون آهن. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فون برآمد ڪيا ويا. ايندڙ مهيني اقتدار کان جدا ٿي و??نداسين ۽ وڏي اميد آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي سربراهي ۾ ٻيهر اقتدار ۾ اچي ان ڪم کي اهڙي طرح جاري رکنداسين. وزيراعظم جو و??زن آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافو ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ آ??ي جڏهن ته ان جو و??زن سمارٽ فون فار آل آهي. پي ٽي اي چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان پڻ تقريب کي خطاب ڪيو.