اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف حوالدار لالڪ جان شهيد (نشان حيدر) کي سندس 24 هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته لالڪ جان شهيد ڪارگل جي جنگ ۾ پنهنجي بي مثال جرئت ۽ بهادري سان دشمن جو مقابلو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته لالڪ جان شهيد ڪارگل جنگ ۾ بي مثال جرئت ۽ بهادري سان دشمن جو مقابلو ڪيو. ناردرن لائٽ انفرنٽري جي ان جانباز مجاهد انتهائي مشڪل حالتن ۾ ملڪ جو دفاع ڪندي شهادت ماڻي. هن چيو ته قوم پنهنجي شهيدن ۽ ا??هن جي عظيم قربانين کي سلا?? پيش ڪري ٿي. شهيد ۽ غازي اسان جو تاج آه?? ۽ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي جو فولادي ديوار آه??. وزيراعظم شهيد جي درجن جي بلندي ۽ ا?? جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.