اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪس??ان مسلم ليگ (ن) بلوچس??ان جي قيادت م??اقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي ڪوئيٽا جي هڪ ڏينهن جي دوري جي موقعي تي ساڻس پاڪس??ان مسلم ليگ (ن) بلوچس??ان جي قيادت م??اقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ صوبي جي سياسي صورتحال ۽ پارٽي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قائد ميان محمد نواز شريف پاران توهان سڀني پارٽي اڳواڻن کي سلام ۽ سينيئر نائب صدر مريم نواز، حمزه شهباز ۽ پارٽي جي سينيئر قيادت پاران بلوچس??ان جي مسلم ليگي ميمبرن جي لاءِ نيڪ خواهشون پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته بلوچس??ان جي ترقي ۽ خوشحالي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هن ئي هڪ هفتي دوران هي منهنجو بلوچس??ان جو ٻيو دورو آهي، ٻوڏ دوران بلوچس??ان جي عوام کي ترجيحي بنيادن تي مدد ۽ انهن جي بحالي يقيني بڻائي. هن چيو ته باصلاحيت افرادي قوت کي هڪ جهڙي ترقي جي موقعن ۽ روزگار جي فراهمي تائين سک سان نه ويهندس، بلوچس??ان جي ماڻهن جي محرومين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيو آهيان. ٻوڏ دوران مسلم ليگ (ن) بلوچس??ان جي ميمبرن امدادي سرگرمين ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو. ٻوڏ متاثرين جي ڏکن تي مرهم رکڻ تي مون سميت پوري ??رڪزي قيادت توهان سڀني جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪري ??ي.