اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) منصوبابندي واري پارلياماني سيڪريٽري ڪنول شوزب چيو آهي ته ??شم??ر مسئلي تي عالمي برادري ستل هئي، وزيراعظم عمران خان دنيا کي ??شم??ر مسئلي جي حساسيت جو احساس ڏياريو آهي، مودي جو فاشسزم پوري دنيا آڏو ظاهر ٿي وي?? آهي، موجوده حڪومت ??شم??ر مسئلي جي حوا??ي سان صحيح رخ طرف گامزن آهي ۽ مون کي پورو يقين آهي ته تمام جلد ??شم??ر ۾ آزادي جو سج اڀرندو. اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان عالمي فورمز تي موثر انداز سان ??شم??ر مسئلي کي ا??اگر ڪيو آهي، دنيا اڳ ۾ ان مسئلي تي سمهي پئي هئي ۽ اها ان کي پاڪستان ۽ ڀارت جو اندروني مسئلو سمجهندي رهي هئي پر هاڻي اها ڳالهه ناهي رهي. منصوبابندي واري پارلياماني سيڪريٽري چيو ته وزيراعظم عمران خان گذريل سال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب دوران دنيا کي ان مسئلي جي حساسيت بابت احساس ڏياريو جنهن کانپوءِ دنيا ۾ ??شم??ر مسئلي جي حوا??ي سان سنجيدگي سان ڳالهه ٻڌي وڃي ٿي، انساني حقن جون تنظيمون، پوري يورپي يونينز ۽ گڏيل قومن جا ٻيا ادارا به ??شم??ر مسئلي تي ڳالهه ڪري رهيا آهن.