اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪورونا کان متاثر خاندانن کي رليف ڏيڻ جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته رليف سرگرمين ۾ فلاحي ادارن ۽ سرندي وارن جي ڀرپور شرڪت انتهائي حوصلي جوڳي آهي، پاڪستاني قوم مشڪل جي هر گهڙيءَ ۾ نه رڳو ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو پر انسانيت جي خدمت جي جذبي سان سرشار ٿي پنهنجي هم وطنن جي ڀرپور مدد ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وز??ر علي امين خان گ??ڊاپور سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڪشمير آرفن رليف ٽرسٽ (ڪورٽ) جي چيئرمين چوڌري محمد اختر، روپاڻي فائونڊيشن جي ڪنسلٽنٽ صباح الدين ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف بوسٽن سان تعلق رکندڙ اڳ??اڻ عاطف خان سان گڏ وز??راعظم سان ملاقات ڪئي.