اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا کي وزيراعظم ??رونا رليف ٽائيگر فورس باب?? تازي رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته فورس ۾ رجسٽرڊ نوجوانن جو انگ 8 لک جي لڳ ڀڳ ٿي ويو آهي، وزيراعظم عمران خان رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڪرونا رليف ٽائيگر فورس کي صوبائي سطح تي فوري طور تي متحرڪ ڪر?? جي هدايت ڪئي آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم ??رونا رليف ٽائيگر فورس جي آپريشنل معاملن جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار ڪابينا ميمبرن کي ڪرونا رليف ٽائيگر فورس باب?? تازن انگن اکرن تي ٻريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪندي فورس کي صوبائي سطح تي فوري طور تي متحرڪ ڪر?? جي هدايت ڪئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ٽائيگر فورس جي لائيو اپ ڊيٽ کي ڪووڊ 19 جي سرڪاري ويب سائيٽ تي پبلڪ ڪيو ويو آهي.