اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اڪبر حسين دراني چيو آهي ته ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ميڊيا جي ميدان ۾ هڪ اهم رياستي ادارو آهي، هو تيزي سان اڀرندڙ ڊيجيٽل ميڊيا ماحول جي چئلينجن ک?? موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي خبرن ک?? جامع بڻائڻ ۽ نوان رجحان متعارف ڪرائڻ سان گڏوگڏ جديد مهارتن ک?? استعمال ۾ آڻي. هو قومي خابرو اداري اي پي پي جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري کي ميڊيا هائوسز جي ضرورتن ک?? پورو ڪرڻ جي لاءِ اي پي پي جي خبرن جي مواد ۽ معيار ۾ بهتري ۽ جديد دور جي گهرجن موجب متعارف ڪرائي ويندڙ نئين خدمتن جي حوالي سان قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.