لاهور – 18 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ هيموفيليا جو قانون بڻجي چڪو آهي، ان کي وف??ق ۽ پنجاب جي س??ح تي به متعارف ڪرائينداسين ته جيئن مرض کي روڪڻ جون تدبيرون اختيار ڪرڻ جي لاءِ معاشري ۾ مهم شروع ڪئي وڃي، حڪومت 192 ارب رپين جي وڏي رقم سان احساس پروگرام متعارف ڪرايو آهي، سُندس فا??ونڊيشن کي به احساس پروگرام جو حصو بڻايو ويندو، حڪومت هيموفيليا جي مرض ۾ ورتل پڙهيل لکيل مريضن جي لاءِ سُندس جاب بئنڪ ٺاهيندي جنهن تحت انهن کي وف??قي ۽ صوبائي س??ح تي نوڪريون ڏنيون وينديون. هو سُندس فا??ونڊيشن ۾ ناليواري صحافي ڪالم نگار منو ڀائي جي ٻي ورسيءَ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.