اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) س??ني?? چيئرمين صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان سوئٽزرلينڊ سان پنهنجي ٻه طرفي لاڳاپن کي انتهائي قد?? جي نگاهه سان ڏسي ٿو، انهن ??اڳاپن کي گهڻ رخي شعبن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي، پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ هڪ ٻي جي تجربن مان گهڻو ڪجهه سکي سگهن ??ا ۽ اداره جاتي تعاون ۽ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان رابطاڪاري کي وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي ٿو، سوئٽزرلينڊ جي پارلياماني وفد جي دوري جا جلد مثبت نتيجا سامهون ايندا. اهڙن خيالن جو اظهار س??ني?? چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سوئٽزرلينڊ جي رياستن جي ڪائونسل جي صدر جين ريني فرنيئر جي سربراهي ۾ پاڪستان جي ٽن ڏينهن جو دورو ڪندڙ پارلياماني وفد سان پارليامينٽ هائوس ۾ مل??قا?? دوران ڪيو.