اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان نوان انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 543 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 4 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي ويا،جڏهن ته هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه جي دوران ان وائرس سبب فوت ٿيو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 32 ه??ار 329 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 10 ه??ار 940، پ??جاب ۾ 12 هزار 184، خيبرپختونخوا ۾ 4 ه??ار 53، اسلام آباد ۾ 4 ه??ار 678، بلوچستان ۾ هڪ ه??ار 254، گلگت بلتستان ۾ 506، آزاد ڪشمير ۾ 624 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 97 ه??ار 497 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيل??رز تي نه آ??ي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ ه??ار 912 وينٽيلي??رز تي ڪووڊ 19 جا 98 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 8 ه??ار 825 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 12 ه??ار 806 آهي، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 ه??ار 731، بلوچستان ۾ 15 ه??ار 281، گلگت بلتستان ۾ 3 ه??ار 787، اسلام آباد ۾ 16 ه??ار 611، خيبرپختونخوا ۾ 37 ه??ار 811، پ??جاب ۾ 99 ه??ار 479 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 37 هزار 106 مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 6 ه??ار 484 آهي.