اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت توانائي خاص طور تي بجلي جي شعبي ۾ سڌارن جي عمل جي جلد تڪميل يقيني بڻ??ئيندي عوام کي سستي ۽ بنا رنڊڪ جي بجلي جي فراهمي يقيني بڻ??ئڻ جي لاءِ سمورا وسيلا اس??عمال ۾ آڻيندي. هو هتي عوام کي سستي ۽ بنا رنڊڪ جي بجلي جي فراهمي جي حوالي سان جاري سڌارن جي عمل جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، منصوبابندي وارو وزير اس?? عمر، توانا??ي وارو وزير عمر ايوب، خاص مددگار نديم بابر ۽ سينئر آفيسر شريڪ هئا.