اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جي ??يسٽنگ ۽ رابطي جو پتو لڳائڻ جو جائزو ورتو ۽ صوبائي انتظاميه کي هدايت ڪئي ته هو ڪورونا وائرس سبب متاثر مريضن جي حوالي سان باخبر رهي، ڪووڊ-19 جي ??ريضن سان رابطو ۽ قرنطينه جي ??اءِ موج??ده انتظامن ۾ اضافو ڪري، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي جي اجلاس ۾ ٽيم اين سي او سي جي ذريعي بلوچستان جي دوري بابت اپ ڊيٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. تعليم واري وزارت جي اهتمام هيٺ اسڪولن جي حوالي سان عمومي سوالنامو سان گڏ جواب ۽ ان وبائي چارٽ جي حوالي سان انگ اکر، اندروني ملڪ سفر ڪندڙ مسافرن بابت پاليسي ۽ پاڪ ٽريڪ ايپليڪيشن پورٽل جو به جائزو ورتو، فورم کي بلوچستان جي شهري ۽ ٻهراڙي علائقن ۾ ڪورونا وائ??س ٽيسٽنگ ۽ رابطي جو پتو لڳائڻ بابت ٽيم جي دوري جي ??تيجن کان آگاهه ڪيو ويو.