اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) ملڪي پارلياماني تاريخ جي 15 ه??ن قومي اسيمبلي گذريل ٻن سالن دو??ان مجموعي طور تي 42 بلن سميت توهين آميز خاڪن، تحفظ ختم نبوت، ڀارتي غير قانوني والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ستم ۽ غير قانوني قدمن جي حوالي سان 43 قراردادن جي منظوري ڏني، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ذريعن مو??ب 25 جولاءِ 2018ع جي عام چونڊن جي نتيجي ۾ 15 ه??ن قومي اسيمبلي 13 آگسٽ 2018ع ت?? حلف کنيو، گذريل ٻن سالن جي دو??ان پارليامينٽ جا 6 گڏيل اجلاس منعقد ٿيا جنهن مان 17 سيپٽمبر 2018ع ۽ 12 سيپٽمبر 2019ع کي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪيو. 19 فيبروري 2020ع تي ترڪ صدر رجب طيب اردوان پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪيو، ان کانسواءِ پاڪ??تا?? کي ڀارت طرفان ڏنل ڌمڪي کي بحث هيٺ آڻڻ لاءِ 28 فيبروري 2019ع تي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جو خصوصي گڏيل اجلاس منعقد ڪيو ويو، قومي اسيمبلي ٻن سالن ۾ 2 نجي بلن جي به منظوري ڏني جنهن ۾ پاڪ??تا?? انسٽيوٽ آف پارليامينٽري سروسز بل ۽ دستور (ترميمي) به شامل آهي. دستور ترميمي بل آئين جي آرٽيڪل 51 ۽ 106 ۾ ترميم تي مشتمل آهي جيڪو فاٽا جي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي سيٽن بابت آهي، اهو بل قومي اسيمبلي منظور ڪري سينيٽ کي موڪلي ڇڏيو آهي، قومي اسيمبلي 40 حڪومتي بلن جي منظوري ڏني جنهن ۾ ٻه فنانس بل به شامل آهن.