اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته ڪورونا جي وبا سان معاشري جو ڪمزور ۽ پو??هي?? طبقو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو، انهن جي تحفظ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، پاڪستان ڪرفيو ۽ مڪمل لاڪ ڊائون بدران سمارٽ لاڪ ڊائون جو طريقو اختيار ڪيو ۽ تعميرات ۽ زرعي ??عبن کي کوليو، غيررسمي معيشت سان واڳيل پو??هي?? طبقي کي ر??ڪ امداد فراهم ڪئي، وڏي انگ ۾ اسان جا ورڪرز ٻين ملڪن ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جو ناڻو ڪمائين ٿا، اسان کي وڏن ملڪن کي ان مسئلي تي قائل ڪرڻو پوندو ته اهي پو??هي?? طبقي سان همدرداڻو رويو اختيار ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (آءِ ايل او) جي اهتمام هيٺ 5 ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس کي وڊيو ڪانفرنس ذريعي ??طاب ڪندي ڪيو.