ملتان – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ناليواري دفاعي تجزيه نگار ۽ تعليمي ماهر پروفيسر علي سخن ور چيو آهي ته ڀارت آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جو خاتم?? ڪري ڪشم??ر جي حوالي سان سڄي خطي جي صورتحال کي عدم استحڪام جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جا تمام وڏا منفي اثر پوندا. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ڪشميرين جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. 1989ع کان وٺي هيس??ائ??ن ڀارتي فوجين هڪ لک ڪشميرين کي قتل ڪيو، 7 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست دوران ماريو ??يو?? 11 هزار کان وڌيڪ ع??رت?? کي بي حرمتي جو نشانو بڻايو ويو جڏهن ته 11 لک کان وڌيڪ ٻارن کي يتيم ۽ اٽڪل 23 هزار ع??رت?? کي بيواهه ڪيو. هن چيو ته عالمي برادري ان بدترين صورتحال جو نوٽيس وٺي ته جيئن ڪشميرين جي آزادي جو خواب پورو ٿي سگهي.