اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي وڌيڪ بلن جي حوالي سان عوامي شڪايتن جو سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل عملدارن کان فوري تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اجلا?? ٿيو. اجلاس ۾ بجلي واري وفاقي وزير خرم دستگير، خاص معاون احد چيم?? ۽ ??اڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته عوام جي شڪايتن جي ازالي تائين سک سان نه ويهندس. خادم پاڪستان عوامي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي عوا?? آڏو جوابده آهي. آئون پنهنجي عوام سان سدائين سچ ڳالهائڻ جي وچن تي قائم آهيان. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي بجلي جي بلن جي حوالي سان عوامي شڪايتن تي ترجيحي بنيا??ن تي تفصيلي رپورٽ ۽ سفارشون جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.