لاهور – 10 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان قائم ٿيڻ ??ا 75 سال مڪمل ٿيڻ ??ي ڊائمنڊ جوبلي تقريبون آزادي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ نظريه پاڪستان ٽرسٽ جي اهتمام هيٺ ايوان قائداعظم ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وچ ۾ انعامي ڪوئز مقابلو بعنوان تحريڪ آزادي 1940ع کان 1947ع منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ شاگردن وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي منصفين جا فرض پروفيسر ڊاڪٽر زيب النساءَ سرويا، پروفيسر لطيف نظامي، پروفيسر عابد حسين شاهه، پروفيسر معاذ جانباز سرانجام ڏنا. نتيجن موجب پرائمري سيڪشن جي ش??گردن ۽ شاگردياڻين جي وچ ۾ ٿيندڙ مقابلو مجتبيٰ مجيد، محمد الهان نور، صولت سهيل ۽ عبدالله سجاد تي ٻڌل ڊويزنل پبلڪ اسڪول جي ش??گردن کٽيو جڏهن ته سيڪنڊري سيڪشن جو مقابلو فرز?? فاطمه ۽ ظل نور تي ٻڌل ڪوئين ميري اسڪول جي ش??گردن ۽ آمنه خليل، عليز?? فاطمه تي ٻڌل گورنمينٽ پريڪٽسنگ گرلز هاءِ سيڪنڊري اسڪول ٽائون شپ جي ش??گردن گڏيل طور تي کٽي ورتو. اهڙي طرح ڪاليجز ۽ يونيورسٽين جي ش??گردن جي وچ ۾ ٿيندڙ مقابلو حسن شهزاد، محمد اويس، عمير اسلم ۽ عدنان جعفر تي ٻڌل گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي فيصل آباد جي ش??گردن پنهنجي نالي ڪيو. ان کانسواءِ آزادي ڏهاڙي جي تقريبن جي سلسلي ۾ اڄ 11 آگسٽ خميس ڏينهن صبح 10 وڳي ايوان قائداعظم جوهر ٽائون ۾ انعامي مقابلو مصوري بعنوان پاڪستان جو جهنڊو ۽ هجرت جا منظر منعقد ٿيندو.