اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف چيو آهي ته عاشوري جو ڏهاڙو با??ل جي اطاعت کان انڪار ۽ حق جي سربلندي لاءِ سينو تاڻي بيهڻ جو ابدي درس آهي، اسلام اڄ انهن ئي قربانين جي ڪري زندهه آهي، عاشوري جو ڏهاڙو حق ۽ با??ل جي لازوال معرڪي جي ياد ڏياري ٿو. عاشوري جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ وزيرا??ظم چيو ته حضرت امام حسين رضه ۽ ان جي خاندان ج?? عظيم قربا??ي حق ۽ با??ل ۽ ظالم مظلوم جي وچ ۾ هڪ لڪير ڪڍي ڇڏي، عظيم امام هڪ اخلاقي اصول قائم ڪيو جنهن خودمختياري جي حق جي جدوجهد کي متحرڪ ڪري ڇڏيو. وزيرا??ظم چيو ته حضرت امام حسين رضه بي آوازن جو آواز ۽ اتحاد، اخوت، اخلاق ۽ سچائي جو علمبردار آهي، انهن جي مزاحمت ۽ بهادري جو پيغام برابري ۽ آزادي جي آفاقي اصولن جي بنياد تي انسانيت کي اخلاقي عالمي نظام جي خواهش جو درس ڏيندو رهندو. وزيرا??ظم چيو ته جڏهن انسانيت ڪيترن ئي چئلينجن مان گذري ٿي ۽ انهن رڪاوٽن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿي جن ۾ اها پاڻ کي ڏسي ٿي، ان کي حضرت امام حسين رضه ۽ ان جي ساٿين جي مثالي ڪردار مان رهنمائي حاصل ڪرڻ گهرجي جيڪو صبر، وفاداري، اتحاد ۽ رواداري جي خوبين وسيلي ورڇ، افراتفري ۽ انتشار جي قوتن کي شڪست ڏئي سگهي ٿي.