اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان تح??يڪ انصاف سنڌ جي پٺتي پيل علائقن جي تعمير ۽ ترقي ۽ سنڌ جي عوام کي حقن جي فراهمي ل??ءِ پنه??جي جدوجهد جاري رکڻ جي ل??ءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن ??ين الصوبائي رابطنو اري وفاقي وزير فهميده مرزا ۽ وزيراعظم جي سنڌ افيئرز بابت خاص معاون ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم سان ڳالهائيندي چئي جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران سنڌ حق مارچ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم سنڌ حق مارچ جي انتظامن ۽ تيارين جي حوالي سان پاڪستان تح??يڪ انصاف جي وائيس چيئرمين مخدوم شاهه محمود قريشي کي تفصيلي بريفنگ ڏني. پرڏيهي وزير سنڌ مارچ جي تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان تح??يڪ انصاف سنڌ جي پيڙهيل عوام کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي. هن چيو ته پاڪستان تح??يڪ انصاف سنڌ جي پٺتي پيل علائقن جي تعمير ۽ ترقي ۽ سنڌ جي عوام کي حقن جي فراهمي ل??ءِ پنه??جي جدوجهد جاري رکڻ جي ل??ءِ پرعزم آهي.