اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته حڪومت سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي، اسان چونڊ سڌارا، عدالت ۽ احتساب جي نظام ۾ سڌارا چاهيون ٿا، جيڪي مخالف ڌر کانسواءِ ممڪن نه آه??، ن ليگ ۽ پيپل??پا??ٽي جي ڪرپٽ قيادت پنهنجي ڪيسن ۾ رليف کانسواءِ ڪنهن ٻ?? موضوع تي ڳالهه ڪرڻ نٿي چاهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جيڪڏهن ن ليگ شريف فيملي کي پاڻ کان علحيده ڪري ٿي ته اها مثبت اڳ??رائي ٿيندي، سياسي پارٽين کي اخلاقي ۽ مالي ڪرپشن جو شڪار قيادت مٽائڻ جي ضرورت آه??، هن چيو ته نواز شريف هر مشڪل وقت ۾ ڪارڪنن کي اڪيلو ڇڏي لنڊن پناهگير ٿي ويو، اهڙي ليڊر جي عزت ناهي رهندي.