لاهور-15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ترجمان ۽ خاص مدد??ار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته مون ٻن ڏهاڪن تائين آمريڪا جي يونيورسٽين ۾ پڙهايو آهي ۽ جڏهن مان آمريڪي ۽ پاڪستاني شاگردن وچ ۾ ڀيٽ ڪندو آهيان ته مون کي پنهنجي وطن ۾ وڌيڪ ٽيلنٽ ۽ صلاحيتون نظر اچن ٿيون. اولهه جي تعليمي اد??رن جو نظام مستحڪ?? آهي جنهن سان ان ??ي آئوٽ پٽ وڌيڪ آهي. هو لاهور ڪاليج فار وومين يونيورسٽي ۾ ڪانووڪيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. شهباز گل چي?? ته وزيراعظم عمران خان اد??رن کي ترقي ڏيڻ تي يقين رکي ٿو، لاهور ۾ سمارٽ بزنس سٽي ۽ رودا جي نالن سان جديد تقاضائن سان ه?? آهنگ اد??را بڻجي رهيا آهن، جنهن مان لکين نوڪريون پيدا ٿينديون. هن چي?? ته لاهور ڪاليج جي 30 شاگردن کي انهن اد??رن ۾ نوڪري ڏيڻ جو وعدو ڪريان ٿو، ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن جلد لاهور ڪاليج جي شاگردن کان انٽرويو شروع ڪندي. هن چي?? ته اسان جي حڪومت رحمة للعالمين اٿارٽي جوڙي، اٿارٽي جا ڪجهه منصوبا جي سي يونيورسٽي ۽ لاهور ڪاليج فار وومين يونيورسٽيءَ ۾ قائم ڪيا ويندا. اڄ شاگردن پنهنجي والدين ۽ پنهنجي اد??ري جو نالو روشن ڪيو آهي. هن چي?? ته مان جڏهن پروفيسر هئس ته ماڻهو پُڇندا هئا ته ڪهڙو ڊسيپلين سٺو آهي ته مان چئي نه سگهندو هئس ته ڪهڙو ڊسيپلين سٺو آهي، ڇاڪاڻ ته هر ڊسيپلين سٺو هوندو آهي، هر شعبي جي تعليم اه?? آهي، معاشري ۾ عورت جي تعليم تمام ضروري آهي. 16 ڪانوويڪشن ۾ سال 2019ع جي 2563 ۽ سال 2020ع جي 2943 شاگردن کي ڊگريون ڏنيون پيون وڃن.