ملتان – 10 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان هڪ ذميدار ملڪ آهي ان کي خطي ۾ پنهنجي ذميداري جو ڀرپور احساس آهي ۽ هتي رهندڙن جي اڪثريت اعتدال پسند آهي، سيالڪوٽ سانحي جي مذمت ڪريون ٿا، عا??م ۽ سمورن مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ طبقا به ان وا??عي جي نه ر??و مذمت ڪن پر لاتعلقي جو اظهار ڪن، هڪ طبقو پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪ??ششن ۾ لڳل رهندو آهي، اهو پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندو، آستانن مان سدائين محبت، رواداري، اخوت ۽ امن جو درس مليو آهي، عرس ۾ شرڪت ڪندڙ زائرين کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ننڍي کنڊ جي عظيم روحاني پيشوا حضرت شاهه رڪن عا??م سهروردي ملتاني جي 708 هين سالياني عرس جي تقريب جي مو??عي تي ڪ??و. پرڏيهي وزير چيو ته آئون عرس ۾ شرڪت ڪندڙ زائرين کي خوش آمديد چوان ٿو ۽ انهن جي اوليا الله سان عقيدت کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، هن چيو ته ان پُروقار محفل ?? سانحي سيالڪوٽ تي پنهنجو ۽ حڪومت پاڪستان جو موقف واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسان ان جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا ۽ وا??عي ۾ ملوث جوابدارن کي قرار وا??عي سزا ملندي، اسان جو عدل جو نظام انهن ماڻهن کي سخت سزا ڏيندو.هن چيو ته ڪو به واقعو پاڪستان ۾ ٿيندو آهي ته هڪ مخصوص طبقو پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪ??شش ڪندو آهي ۽ هو دنيا جي سامهون ابتڙ واقعا پيش ڪندو آهي اسان کي انهن کان محتاط رهڻو پوندو ۽ اهو پنهنجي ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندو. هن چيو ته مون برسلز ۾ پاڪستان جو موقف واضح ڪندي چيو ته اهڙا واقعن جو نه ته اسلام ۽ نه ئي پاڪستان جو آئين ۽ قانون اجازت ڏي ٿو، هن چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙن جي اڪثريت اعتدال پسند آهي ۽ سمورا مڪتب فڪر جي علماءِ مشائخ ۽ عا?? شهرين سيالڪوٽ وا??عي جي ڀرپور مذمت ڪئي ڇو ته ڪو به معاشرو ۽ مذهب اهڙن واقعن جي اجازت نٿو ڏي.