اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پيپلزپا??ٽي ۽ (ن) ليگ پنهنجي دورن ۾ ملڪي ناڻي کي بيدردي سان ڦريو، سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ ذخ??ره اندوزن جي پٺڀرائي جي ڪري سڀ کان وڌيڪ مهانگائي ڪراچي ۾ آهي، 13 سالن ۾ سنڌ حڪومت ڪو هڪ وڏو ڪم ڪيو آهي ته سامهون آڻي. بلاول زراري جي خطاب تي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته خيبرپختونخواهه جي تاريخ ۾ جيڪڏهن ڪنهن پا??ٽي جو ناڪام ترين جلسو ٿيو آهي ته اهو پيپلزپا??ٽي جو آهي، ڪاش بلاول اڄ سنڌ ۾ 13 سالا اقتدار جي ڪارڪردگي پن پيش ڪري ها. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پنجاب ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1100 رپين ۾ جڏهن ته ڪراچي ۾ 1400 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، سنڌ ۾ اربين رپين جي ڪڻڪ چوري ڪئي وڃي ٿي ۽ جڏهن م??املو اوپن ٿئي ٿو ته چيو وڃي ٿو ته ڪوئا کائي ويا آهن، ڪاغذن ۾ سنڌ ۾ اربين رپيا صحت ۽ تعليم جي شعبي تي خرچ ٿ??ا پر اڄ به سنڌ جي اسپتالن ۾ ايمبولينس نه آهن، تعيلمي ادارن ۾ جانور ٻڌل نظر اچن ٿا. مملڪتي وزير چيو ته سنڌ جي عوام کي ٽينڪر مافيا، ذخ??ره اندوزن ۽ لينڊ مافيا جي رحم تي ڇڏيو ويو آهي، جعلي ڊوميسائيل تي نوڪرين جو اعزاز به پيپلزپا??ٽي حڪومت کي ئي حاصل اهي، گرين لائين، سنڌ جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي، نالن جي صفائي سميت هر وڏو ڪم وفاقي حڪومت ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت سواءِ ڪرپشن جي ڪجهه نه ڪري رهي آهي. فرخ حبيب چيو ته بلاول جي ڳالهين م??ن ثابت ٿي چڪو آهي ته پيپلزپا??ٽي جو مقابلو پي ڊي ايم سان آهي، اهي پاڻ ۾ ئي وڙهندا رهندا، پيپلزپا??ٽي ۽ (ن) ليگ ٻنهي پنهنجي پنهنجي دورن ۾ ملڪي ناڻي کي بيدردي سان ڦريو، بلاول جي رڪارڊ جي درستگي جي لاءِ ڌائڻ چاهيون ٿا ته پيپلزپا??ٽي 7 ڀيرا آءِ ايم ايف وٽ وئي آهي، اسان جي حڪومت ماضي جي تمام گهڻن قرضن ۽ انهن تي وياج جي ادائيگي جي لاءِ باهريان قرض وٺڻ تي مجبور آهي، بلاول احب واقعي ئي سنڌ ۾ عوام جو جيئڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي، سنڌ جي عوام پيپلزپا??ٽي کان هر صورت ۾ ڇوٽڪارو چاهي ٿي. فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ ترقي ۽ عوام خوشحالي جي رستي تي گامزن آهي، سواءِ بلاول، شهباز جي سڀ ڄاڻين ٿا، ماضي ۾ اوورسيز پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي سان م??يشت هلائيندڙ اڄ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي خلاف بيٺل آهن، پيپلزپا??ٽي کي ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي لاءِ جدا اليڪٽورل ڪاليج جي تجويز ان وقت ڇو ياد نه آئي جڏهن انهن جي پنهنجي حڪومت هئي، بلاول جلسن ۾ شهيدن کي سلام ته ڪري ٿو پر اڄ تائين دهشتگردي جو شڪار ٿيندڙ هٿياربند فوج، سيڪيو??ٽي فورسز جي شهيدن جي گهر ناهي ويو. مملڪتي وزير فرخ هبيب چيو ته 2018ع جي چوندن ۾ عوام پي ٽي آءِ کي مينڊيٽ ڏنو ان کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم عمران خان اڳوڻي فاٽا سميت سمورن پٺتي پيل علائقن ۽ انهن جي عوام کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي، پيپلزپا??ٽي دور ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ به ڪرپشن جو بازار گرم هو. فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته سماجي تحفظ جي لاءِ احساس پروگرام جي لاءِ هلندڙ سال 260 ارب رپيا رکيا ويا آهن، احساس تحت 34 پروگرام ڪاميابي سان هلي رهيا آهن.