اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڄ پاڪستان ۽ آسٽريليا جو مئچ ٻن وڏين ۽ مضبوط ٽيمن جي وچ ۾ مقابلو آهي، وزيراعظم کي درخواست ڪئي آهي ته جيڪڏهن اسان فائنل ۾ پهچون ته وزيراعظم فائنل ڏس?? ضرور وڃي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ اطلاع??ت واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جهڙي طريقي سان شاندار راند جو مظاهرو ڪري رهي آهي، اهڙي ڪارڪردگي تمام گهٽ رهي آهي، آسٽريليا جي خلاف مئچ کٽي اسان کي فائنل ۾ نيوزيلينڊ سان سيڪيورٽي جو مسئلو ڀرپور طريقي سان حل ڪرڻو آهي، ان لاءِ اڄ جي مئچ کٽڻ ضروري آهي. هن چيو ته انشاءَ الله اسان اڄ جي مئچ ضرور کٽينداسين، پوري قوم پنهنجي ٽيم سان گڏ بيٺل آهي، سمورن رانديگرن وٽ سپر اسٽار بڻجڻ جو موقعو آهي، 5 مختلف پليئ??ز کي مين آف مئچ جو اعزاز مليو آهي، هاڻي ڏسون ٿا ته ڇهين مئچ ۾ ڪنهن کي اهو اعزاز ملي ٿو.