اسلام آباد/نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اف??انستان ۾ انساني ۽ معاشي ب??ران، عالمي ب??ادري جي فوري ڌيان جا گهرجائو آهن، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير ريڊ ڪراس بابت عالمي ڪميٽي جي صدر پيٽر مورڪي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي اف??انستان ۾ انساني ب??ران ۽ عالمي سطح تي مدد جي فراهمي جي حوالي سان مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، هن چيو ته پاڪستان سالن کان اف??انستان ۾ جاري ريڊ ڪراس عالمي ڪميٽي جي خدمتن جو اعتراف ڪري ٿو، اف??انستان ۾ وڌندڙ انساني ۽ معاشي ب??ران عالمي ب??ادري جي فوري ڌيان جو گهرجائو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته اف??انستان جي مالي ۽ انساني امداد نه رڳو انهن کي ب??ران مان ڪڍڻ ۾ مدد فراهم ڪندي پر اف??انين ۾ اعتماد سازي لاءِ بهترين قدم ٿي سگهي ٿو، اف??انستان ۾ وڌندڙ بک، غربت ۽ ناڻي واڌ جي پيش نظر اف??انستان جا منجمند اثاثا کولڻ انهن جي وقت سر امداد جي ب??ابر ٿيندا، هن چيو ته پاڪستان اف??انستان ۾ انساني بنيادن تي امدادي سامان جي پهچ هوائي ۽ زميني رستن جي ذريعي جاري رکي آهي، پرڏيهي وزير ريڊڪراس عالمي ڪميٽي جي صدر کي اف??انستان ۾ انساني بنيادن تي مدد جي فراهمي لاءِ پاڪستان پاران هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.