اسلام آباد – 10 – سي??ٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مجموعي ۽ برابر معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ اسلام جي تصور موجب ع??رت?? جي ملڪيت جي حقن جي تحفظ ۽ فراهمي جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماڻهن کي ع??رت?? جي حقن بابت آگاهه ڪرڻ جي لاءِ آگاهي مهم جي لاءِ عالم سڳورا ۽ ميڊيا پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ع??رت?? کي حقيقي طور تي بااختيار بڻا??ڻ جي لاءِ مالي شموليت انتهائي اهميت رکندڙ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ع??رت?? کي بااختيار بڻا??ڻ جي حوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير عمر ايوب خان، قانون ۽ انصاف واري پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ع??رت?? جي ملڪيتن جي حقن جي قانون 2020ع کي لاڳو ڪرڻ جو حوالو ڏيندي صدر قانونسازي جي ان قدم کي ع??رت?? کي انهن جا حق ڏيڻ ۾ هڪ مثبت قدم قرار ڏنو ۽ سمورن صوبن ۾ هڪ جهڙن قانونن جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته انفورسمينٽ آف وومين پراپرٽي رائٽس ايڪٽ 2020ع هڪ موثر ۽ تيزي سان شڪايت جي ازالي جو طريقيڪار پيش ڪيو آهي جنهن تحت ڪا به عورت جيڪا جائيداد جي ملڪيت يا پنهنجي جائيداد جي قبضي کان محروم آهي اها محتسب کي اپيل داخل ڪري سگهي ٿي. هن ع??رت?? جي جائيداد جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ متبادل تڪرارن جي حل جي طريقيڪار کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر ع??رت?? کي بااختيار بڻائڻ بابت منصوبن کي اسٽريم لائين ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته ع??رت?? کي حقيقي طور تي بااختيار بڻا??ڻ جي لاءِ مالي شموليت انتهائي اهميت رکندڙ آهي ۽ انهن کي احساس پروگرام ۽ استيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي ذريعي دستياب قرضن ۽ ٻين سهولتن بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي عمر ايوب خان صدر کي عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ مختلف ملڪن پاران پاڪستان کي ع??رت?? جي لاءِ ڏني ويندڙ گهڻ رخي ۽ ٻطرفن فنڊز ۽ قرضن بابت آگاهه ڪيو. صدر ان سلسلي ۾ عالمي ادارن ۽ ملڪن پاران مالي معاونت کي ساراهيو.