اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مولانا فض?? الرحما?? جي ڪورونا ويڪسين بابت غلط بياني افسوسناڪ آهي، عوام کي گمراهه ڪرڻ مولانا فض?? الرحمان کي سونهين نه ٿو، سياسي اڳواڻ اختلافن کي هڪ پاسي رکندي ماڻه?? جي رهنمائي ڪن، ڪورونا هڪ حقيقت آهي جنهن کان بچڻ جي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو، اهو چوڻ ته وزيراعظم کي ڪورونا ويڪسين کانپوءِ ڪورونا ٿيو صحيح نه آهي، اسان سڀ وزيراعظم ۽ خاتون اول جي صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون، ڪورونا ڪنهن ۾ به فرق نه ٿو ڪري نه ئي ڪا رعايت، گذريل 8 مهينن ۾ ڪورونا متاثري?? جي شرح سڀ کان وڌيڪ آهي، خطي جي ٻين ملڪ?? جي ڀيٽ ۾ ملڪي معاشي ڪارڪردگي بهتر رهي، چاهيون ٿا ته ڪورونا جي موجوده لهر ۾ ماڻهن جو روزگار ۽ زندگيون محفوظ هجن، ڪورونا جي موجوده لهر ۾ ويڪسي?? جي دستيابي خوش آئنده آهي، ڪورونا جي خاتمي لاءِ نظم ۽ ضبط سان حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي، پي ڊي ايم ماضي جو قصو بڻجي چڪي آهي، مخالف ڌر جي تحريڪ ان لاءِ ناڪام ٿي ڇو ته ان ۾ عوام جي لاءِ ڪجهه نه هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.