اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ نيا پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي قرضن جي فراهمي جو باقاعده جائزو ورتو وڃي ۽ ان عمل ۾ ڪن??ن به پيش ايندڙ رڪاوٽ کي ترجيحي بنيادن تي ختم ڪيو وڃي، راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبو لاهور شهر جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ معاشي سرگرمين جي فروغ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ جاري تعميراتي سرگرمين، بئنڪن پاران ڊولپرز، سيڙپڪارن ۽ خاص ڪري گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي ذاتي گهر جي تعمير جي لاءِ آسان قرضن جي فراهمي ۽ تعميرات بابت ٻين معاملن جو جائزو ورتو ويو. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر اجلاس کي ٻڌايو ته حڪومت پاران اعلان ڪيل مارڪ اپ سبسڊي جي حوالي سان صرف ڪجهه هفتن ?? هيستائين آسان قرضن جي لاءِ 8 هزار کان وڌيڪ درخواستون ملي چڪيو?? آهن جنهن مان تقريبن 2 هزار جي لڳ ڀڳ (1820) منظور ٿي چڪيو?? آهن ۽ منظور ٿيل قرض جو ماپو پنج ارب روپيا آهي