اس??ام آباد – 18 نو??بر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته اسان کي ملڪ جي ترقي لاءِ پنهنجي سوچ بدلائي انفراديت بدران اجتماعيت کي اختيار ڪندي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، جيڪي ماڻهو قومي سوچ رکندا آهن ۽ قوم جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي خواهشمند هوندا آهن الله تعاليٰ انهن جي مدد ڪندو آهي ۽ انهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪندو آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار اربع ڏينهن اس??ام آباد ۾ باچاخ??ن ميڊيڪل ڪامپليڪس ۽ گجو خ??ن ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل اينڊ چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ڊاڪٽر فصيح الزمان کي 23.09 ملين جي لاڳت جون ٽي ايمبولينسز عطيه ڪرڻ جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.