اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم غريب، لاچار ۽ پورهيت طبقي کي پناهگاهن ۾ باعزت طريقي سان ڇت ۽ بنيادي سهولتن جي ??راهمي جي عزم کي و??جا??يندي چيو آهي ته اسلام آباد جي ??اڊل پناهگاهن جو دائرو ٻين صوبن تائين وڌايو ??يندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار پناهگاهن جي ??روگرام کي معياري سهولتن سان ليس ڪرڻ ۽ پائيدار بنيادن تي هلائڻ جي ??اءِ کنيل عملي قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر، وزيراعظم جي ??وجوانن جي ??عاملن واري خاص معاون عثمان ڊار، پناهگاهه بابت فوڪل پرسن نسيم الرحمان، بيت المال جي ايم ڊي عون عباس بپي ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي ??وجوانن جي ??عاملن واري خاص معاون عثمان ڊار ٽائيگر فورس جي رضاڪارن پاران پناهگاهن جي دورن ۽ صورتحال جي حوالي سان شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر شرڪت ڪندڙن کي پناهگاهن جي ??ظم ۽ ضبط کي وڌيڪ منظم ۽ پائيدار بڻائڻ ۽ پناهگاهن جي حوالي سان وزيراعظم جي ??يزن کي عملي جامعو پارائڻ جي ??اءِ تجويز ڪيل تنظيمي ڍانچو پيش ڪيو. وزيراعظم عمران خان بي گهر ماڻهن خاص طور تي پورهيت طبقي کي پناهگاهن ۾ باعزت ۽ معياري سهولتن جي ??راهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو ته پناهگاهن ۾ موجود عملي جي تربيت سان گڏوگڏ پناهگاهن ۾ دستياب سهولتن جو باقاعدگي سان جائز?? ورتو وڃي. اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ 5 پناهگاهن کي ماڊل پناهگاهون بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ??يو. وفاقي گادي واري شهر جي ??اڊل پناهگاهن جي طرز تي ٻين صوبن جي ??ناهگاهن جي انتظآمي معاملن ۽ سرنديءَ وارن جي حصيداري سان معياري سهولتن جي ??راهمي کي يقيني بڻايو ??يندو.